صفائي بکري

صفائي بکري: مولانا دين محمد وفائي ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: “شيخ الاسلام سيد صفائي ولد سيد مرتضى ترمذي، شاهھ بيگ ارغون جي دؤر حڪومت ۾ بکر اچي آباد ٿيو. پنهنجي دؤر جي عالمن ۽ فاضلن مان هو صاحب عمل بزرگ هو. هن جي عادت ۽ اخلاق تعريف جي قابل هئي ۽ هن جي شرافت ۽ سيادت بيان کان ٻاهر آهي. گهڻو وقت عالمن ۽ فاضلن جي صحبت ۾ گذاريندو هو ۽ هن جي دسترخوان تي اڪثر مسافر ۽ محتاج ماني کائيندا هئا. بکري شيخ الاسلام شاهه قطب الدين جي وفات کانپوءِ شاهه حسن بيگ ارغون، بکر جي حاڪم سلطان محمود جي صلاح سان شيخ الاسلام جو منصب صفائي بکريءَ کي عطا ڪيو ۽ انهي عهدي تي ڪم ڪندي ذالقعد 991هه/ نومبر 1583ع ۾ وفات ڪيائين. سيد صفائي بکريءَ جو مقبرو سکر ۾ مير معصوم جي مناري جي هيٺ چؤکنڊي ۾ آهي، جتي مير معصوم ۽ خاندان جي ٻين بزرگن جون پڻ قبرون موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو